قائره(ويب ڊيسڪ)آمريڪا، اسرائيل ۽ حماس ۾ سيز فائر بابت معاهدي تي وڌيڪ ڳالهيون سومر تي مصر جي شهر شرم الشيخ ۾ ٿينديون. سي اين اين جي رپورٽ موجب ٽنهي ڌرين جا وفد اڄ مصر پهچندا، جتي معاهدي کي حتمي شڪل ڏني ويندي. صدر ٽرمپ جو اسرائيل ۽ حماس تي زور آهي ته جلد سندس 20 نڪاتي امن معاهدي کي حتمي شڪل ڏيو جيئن ٻن سالن کان جاري غزه جنگ بند ڪرائي سگهجي. 7 آڪٽوبر 2023 تي حماس جي اسرائيل تي ڪيل حملي ٻه سال مڪمل ٿيڻ وارا آهن. هن وقت تائين 66 هزار کان مٿي فلسطيني شهيد ٿيا آهن ۽ هزارين لاپتا آهن، جن بابت شڪ آهي ملبي جو ڍير بڻيل غزا جي هيٺان ڪيترائي لاش دٻيل آهن. حماس 251 اسرائيلي فوجي ۽شهري اغوا ڪيا هئا جن مان 27 اڃا سندن حراست ۾ آهن، جن مان اها خبر ناهي ته ڪيترا جيئرا آهن.










