ٽنڊو غلام حيدر (ن سنڌيار)ٽنڊو غلام حيدر جي ڳوٺ احمد علي خان ٽالپر ۾ 4 چار ٻارڙن جي ماءُ 35 ورهين جي جمي زال بيکو ڪولهي مبيناطور غربت ۽ مفلسي سبب گهر اندر ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو، اطلاع بعد حد جي مويا پوليس واقعي واري هنڌ پهتي جتي آپگهات ڪندڙ ناري جي وارثن پاران پوسٽ مارٽم ڪرائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو جڏهن ته مويا پوليس پاران ڪاغذي ڪاروائي ڪندي لاش وارثن حوالي ڪري ڇڏيو، هوڏانهن آپگهات ڪندڙ مسڪين عورت جي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو جڏهن ته واقعي جو ڪو به ڪيس وغيره داخل ناهي ٿي سگهيو










