غذائي کوٽ لاءِ رڌ پچاءَ جي ترغيب بابت تربيتي ورڪشاپ

غذائي کوٽ لاءِ رڌ پچاءَ جي ترغيب بابت تربيتي ورڪشاپ

دادو(رپورٽ عزيزالله خاصخيلي) دادو ويجهو يوسي پپري ۾ سماجي تنظيم ٿرديپ ڊيوليپمينٽ آرگنائزيشن پاران ٻارڙن ۾ غذائي کوٽ جي خاتمي لاء رڌ پچاء بابت هڪ روزه سيمينار منعقد ڪيو ويو سيمينار ۾ ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر ڪوآرڊينيٽر ايڪسيلريٽڊ ايڪشن پلان (AAP) نياز حسين جمالي ۽ ٿرديپ ڊيوليپمينٽ آرگنائزيشن جي  ڊسٽرڪٽ پروجيڪٽ آفيسر مائره سومرو شرڪت ڪئي ان موقعي تي يوسي پپري جي ڳوٺ راوت خان زئنور جي عورتن کي گهر ۾ رڌ پچاء لاء استعمال ٿيندڙ کاڌ خوراڪ بابت ڄاڻ ڏني جنهن ۾ عورتن کي سمجهايو ويو ته گهر ۾ موجود کاڌن کي مختلف وقتن تي پچائي خوراڪ ۾ استعمال ڪرڻ سان ڳوهاري عورتن ۽ ٻارڙن جي غذائي کوٺ جي صورتحال کي بھتر بڻائي سگهجي ٿو ان موقعي تي ڳوٺاڻي عورتن کي نموني طور سوجي،کيرڻي،آلو، پراٺا،سايون ڀاڄيون انڊا ٺاهي پڻ سمجاهيو ويو ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊسٽرڪٽ پروگرام آفيسر مائره سومرو ٻڌايو ته يونين ڪائونسل پپري ۾ 300 کان وڌيڪ ڪنگي جو شڪار ٻار مليا آهن جن جو فوري طور مقرر سينٽر تي علاج جاري آهي ڪئترائي صحتياب ٿي چڪا آهن اڄ جي هن سيمينار جو مقصد ڳوٺاڻي مائرن ڀينرن کي اهو سمجهائڻ آھي ته گهر ۾ موجود عام واپرائڻ وارن کاڌن مان ئي پنهجي ۽ پنهجي ٻار جي غظائي کوٺ پوري ڪري سگهجي ٿي جهڙوڪ 6 کان 12 مهينن جي ٻار جي کاڌي ۾ سوجي، 12 کان 24 مهينن جي ٻاڙي لاء کير مان تيار ٿيل کيرڻي اميد واري عورتن کي آلو پراٺو مکڻ شامل ڪجي. ان موقعي تي ايڊيشنل هيلٿ آفيسر نياز حسين جمالي ڳوٺ اندر سماجي تنظيم جي خدمتن کي ساراهيو ۽ چيو ته غظائي کوٺ جي شڪار ٻارڙن کي تنظيم جي ڪمنيوٽي هيلٿ ورڪر پاران علاج لاء مقرر ٿيل سينٽرن تي وقت تي پهچايو پيو وڃي عورتن کي طاقت جي ادويات مفت فراهم ڪري ان جي استعمال ۽ فائدن بابت ڄاڻ ڏني پئي وڃي جنهن سان آئنده وقت ۾ ڳوٺ ۾ غظائي قلت واري ٻارڙن جو انگ تمام گهٽ ٿيندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو