عيد تي به غزه ۾ اسرائيلي بمباري، 42 فلسطيني شهيد

عيد تي به غزه ۾ اسرائيلي بمباري، 42 فلسطيني شهيد

غره: (ويب ڊيسڪ) عيد جي ڏينهن به غزه تي اسرائيلي بمباري بند نه ٿي، هوائي حملن ۽ فائرنگ ۾ 42 فلسطيني مارجي ويا.اسرائيل جمعي ڏينهن به فلسطين تي پنهنجا حملا جاري رهيا.فلسطينين لاءِ عيد الاضحيٰ جو پهريون ڏينهن غم ۽ تباهي سان شروع ٿيو، ڇاڪاڻ ته اسرائيلين مختلف علائقن تي حملا شروع ڪيا.غزه سول ڊفينس ايجنسي چيو آهي ته جمعي ڏينهن اسرائيلي هوائي حملي ۽ فائرنگ جي نتيجي ۾ فلسطيني علائقي ۾ 42 ماڻهو مارجي ويا.سول ڊفينس جي هڪ عهديدار نيوز ايجنسي کي ٻڌايو ته صرف اترئين علائقي جباليا تي اسرائيلي حملي ۾ 11 ماڻهو شهيد ٿيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو