عيد الفطر کان اڳ پينو فقيرن خلاف ڪارروائي جو فيصلو

عيد الفطر کان اڳ پينو فقيرن خلاف ڪارروائي جو فيصلو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ڪمشنر عيد الفطر جي موقعي تي رش، ٽريفڪ ۽ پارڪنگ جي مسئلن کي حل ڪرڻ ۽ پيشيور فقيرن خلاف ڪارروائي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.ڪمشنر ڪراچي جي ترجمان موجب، هي فيصلو ڪمشنر ڪراچي جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ ڪيو ويو، جنهن ۾ سڀني ڊپٽي ڪمشنرن ۽ اسسٽنٽ ڪمشنرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ اسسٽنٽ ڪمشنرن جي نگراني ۾ ٽيمون ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو ويو.اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ميونسپلٽي شهر جي انتظاميا، ٽرئفڪ ۽ مقامي پوليس سان گڏجي ڪم ڪندي، ۽ شڪايتن جي ازالي لاءِ مصروف بازارن ۾ ڪئمپ قائم ڪيا ويندا.اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته فقيرن کي بحالي لاءِ اين جي اوز جي حوالي ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو