عيدالاضحيٰ تي ملازمن کي 5 موڪلون ملڻ جو امڪان

عيدالاضحيٰ تي ملازمن کي 5 موڪلون ملڻ جو امڪان

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) عيدالاضحيٰ 2026 جي موقعي تي سرڪاري ملازمن جي لاءِ وڏي خوشخبري سامهون اچي وئي آهي. وفاقي حڪومت جي سالياني ڪلينڊر موجب هن ڀيري 5 موڪلون ملڻ جو ڊگهو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي. وفاقي حڪومت جي جاري ڪيل 2026 جي ڪلينڊر موجب عيدالاضحيٰ جون موڪلون 27، 28 ۽ 29 مئي(اربع، خميس ۽ جمعي) جي لاءِ مقرر ڪيون ويون آهن.جيڪڏهن انهن موڪلن سان گڏ ڇنڇر ۽ آچر جون هفتيوار موڪلون به شامل ڪيون ويون ته ملازمن کي مسلسل 5 ڏينهن جو آرام ملي سگهندو. انهي امڪاني ڊگهي بريڪ سان انهن ملازمن کي خاص طور تي فائدو ٿيندو جيڪي عيد ملهائڻ جي لاءِ پنهنجن اباڻن علائقن جو رخ ڪندا آهن. اهڙين موڪلن جو حتمي فيصلو ۽ باضابطه نوٽيفڪيشن ذوالحج جو چنڊ نظر اچڻ کان پوءِ ئي جاري ڪيو ويندو. روايتي طور تي حڪومت رويت هلال ڪميٽي جي فيصلي جي روشني ۾ ئي عيد جي موڪلن جو حتمي اعلان ڪندي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو