لاهور (ويب ڊيسڪ)پنجاب جي نگران سڌ سماءَ واري وزير عامر مير چيو آهي ته حڪومت عورت مارچ جي انعقاد ۾ ڪا به رڪاوٽ نه وجهندي.هڪ بيان ۾ عامر مير چيو آهي ته عورت مارچ جي منتظمين جا تحفظات دور ڪيا ويا آهن، نگران حڪومت ذاتي آزادي تي يقين رکي ٿي.عامر مير جو چوڻ آهي ته عورت مارچ ۾ شرڪت ڪندڙ عورتن جي حفاظت کي يقيني بڻايو ويندو، اميد آهي ته عورت مارچ پرامن طريقي سان ٿيندو.هن چيو ته مارچ ۾ شرڪت ڪندڙن کي مڪمل پوليس سيڪيورٽي فراهم ڪئي ويندي










