خانپورمهر (ن س) خانپورمهر ويجهو عورت سان مبينا زيادتي معاملو. مختلف ٿاڻن جي پوليس ڳوٺ ٻڍو ڪليري چڙهائي، 5 گهر پٽ. گھرن کي باهيون. 4 شڪي گرفتار، ذريعا، خبرموجب خانپورمهر ويجهو ڪجهه ڏينهن اڳ جوابدارن پاران عورت خورشيد ڪليري سان مبينا اجتماعي زيادتي واري معاملي کانپوءِ ڪيس ۾ نامزد جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ايس ايڇ او خانپورمهر مٺل ککراڻي جي اڳواڻي ۾ 10 موبائيلن ڳوٺ ٻڍو ڪليري تي چڙهائي ڪري ڪڙو چاڙهيو ذريعن موجب پوليس چڙهائي دوران عبدالرزاق ڪليري. مصري ڪليري. فرمان ڪليري. شاهد ڪليري جي گهرن کي ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيو ۽ لياقت ڪليري سميت ٻين جي گهرن کي باهيون ڏئي ساڙي ڇڏيو.جڏهن ته پوليس 4 شڪي ماڻهن کي پڻ حراست وٺي ڇڏيو آهي، پوليس موجب عورت زيادتي معاملي ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاء ڪارروائي ڪئي آهي پر جوابدار هٿ نه آيا آهن.ڳوٺاڻن ديدار ڪليري ٻين موجب پوليس وڏي زيادتي ڪري پئي گهرن مان ڦرلٽ ڪري مال به پوليس ڪاهي وئي آهي اناج گهرو سامان سولر پليٽون. ٻيو سامان کڻي ويئي. سونا زيور. ٽي وي ۽ٻيو سامان پڻ کڻي ويئي آهي پوليس وڏي ناانصافي ڪري پئي انصاف ڪيو وڃي ،هوڏانهن گرفتاري بعد گم ڄاڻايل ماڻهن جي درخواست گذار ديدار ڪليري جي وڪيل اقبال ڪليري ٻڌايو ته مبينا گرفتاري بعد گم ٿيل ماڻهن واري معاملي تي ايس ايڇ او خانپورمهر مٺل ککراڻي اڄ گهوٽڪي جي عدالت ۾ پيش ٿيو، جنهن تي عدالت کيس آخري وارننگ ڏيندي سڀاڻي تائين ماڻهو ظاهر ڪري عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي ۽ ماڻهو پيش نه ڪرڻ جي صورت ۾ ايف آئي آر داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويندو ، واضع رهي ته گذريل ڏينهن به ايس ايس ايڇ او خانپورمهر مٺل ککراڻي عدالت م پيش ٿيو جنهن تي عدالت کيس گرفتاري بعد گم ٿيل ماڻهن کي ظاهر ڪري اڄ عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو پر ايس ايڇ او خانپورمهر مٺل ککراڻي گرفتاري بعد گم ٿيل ماڻهو عدالت ۾ پيش نه ڪيا










