ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان سميت دنيا ۾ 8 مارچ تي عورتن جو عالمي ڏينهن ملهايو ويو. مختلف تنظيمن ۽ ادارن طرفان هن ڏينهن جي مناسبت سان، تقريبون، سيمينار، ريليون منعقد ڪيون ويون. گڏيل قومن جي رپورٽ موجب پاڪستان عورتن جي اڪثريتي آبادي، ترقي، تعليم، خوارڪ صنفي برابري ۽ بنيادي صحت جي معاملن ۾ پوئتي آهي، ٻهراڙي جي غريب ترين علائقن سان تعلق رکندڙ 98 سيڪڙو عورتون تعليم ۾ تمام گهڻو پوئتي آهن. عورتن خلاف هر قسم جي متڀيد جي خاتمي جو معاهدو (CEDAW) گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي 18 آڪٽوبر 1979ع ۾ منظور ڪيو. 3 سيپٽمبر 1981ع ۾ جڏهن 20 ملڪن ان تي رضامندي ڏيکاري ته پوءِ هڪ بين الاقوامي معاهدي جي شڪل ۾ وجود ۾ آيو. انگن اکرن موجب پاڪستان ۾ هڪ لک ٻارن جي پيدائش دوران 178 مائرون موت جو شڪار ٿين ٿيون، جڏهن ته صرف 30 سيڪڙو ڊليوريز (ڄم) تربيت يافته دايون يعني مڊ وائيف يا ڊاڪٽر ڪرائين ٿيون. پاڪستان ۾ ٻارن جي پيدائش دوران مائرن جي موت جي شرح افغانستان کان به وڌيڪ آهي پاڪستان مائرن جي دوران پيدائش موت جي شرح ۾ 147 نمبر تي آهي، جڏهن ته افغانستان 149 نمبر تي آهي. پاڪستان ۾ ٻارن جي دوران پيدائش موت جي شرح تمام خطرناڪ حد تي آهي. هڪ هزار ٻارن جي پيدائش دوران 62.2 ٻار موت جو شڪار ٿين ٿا. پاڪستان ۾ 44-15 سالن جي عمر ۾ شادي شده عورتن ۾ خون جي ڪمي به خطرناڪ حد تائين آهي ٻهراڙين جي عورتن ۾ 47 سيڪڙو ۽ شهري عورتن ۾ 26 سيڪڙو خون جي ڪمي آهي جڏهن ته حمل واري عورتن ۾ 29% کان 50% سيڪڙو تائين خون جي ڪمي آهي جنهن جا اهم سبب غذائي کوٽ، ننڍي عمر جي شادي ۽ تعليم جو نه هجڻ آهي.دنيا ۾ هر ٽن عورتن مان هڪ عورت تشدد، زيادتي، هراسمينٽ ۽ صنفي اڻبرابريءَ جو شڪار ٿئي ٿي. اڪثر تشدد ڪندڙ يا زيادتي ڪندڙ ويجھا مائٽ، رشتيدار، پاڙيسري، ڄاڻ سڃاڻ وارا هوندا آهن. ٿامسن ريوٽرس فائونڊيشن موجب پاڪستان، افغانستان ۽ ڪانگو کانپوءِ عورتن جي حوالي سان خطرناڪ ملڪن ۾ 3 نمبر تي آهي. پاڪستان ڊيموڪريٽڪ هيلٿ سروي موجب پاڪستان ۾ 32% عورتون جسماني تشدد جو شڪار ٿين ٿيون ۽40% سيڪڙو شادي شده عورتون گھرو تشدد جو شڪار ٿين ٿيون.اڄ جي جديد ۽ ترقي يافته دور ۾ پاڪستان ۾صرف 23.9 سيڪڙو عورتون روزگار يا پورهئي سان لڳل آهن، جتي به انهن کي تمام گھٽ اجورو ڏنو وڃي ٿو ۽ مقرر وقت کان وڌيڪ ڪم ورتو وڃي ٿو ۽ اتي انهن لاءِ ڪابه سوشل سيڪيورٽي نه آهي.يونيسيف جي انگن اکرن موجب پاڪستان ۾ هر 100 شادين مان گهٽ ۾ گهٽ 37 ڇوڪرين جي شادي 18 سال کان گهٽ عمر ۾ ٿي وڃي ٿي. هر سال 70 هزار ڇوڪريون 19-15 سال جي عمر جي اندر دوران حمل ۽ ٻار جي پيدائش دوران موت جو شڪار ٿين ٿيون پاڪستان انهن 20 ملڪن ۾ شامل ٿي چڪو آهي، جتي ننڍي ڄمار ۾ ٻارڙن جي شادي ٿئي ٿي. جڏهن ته سنڌ صوبي ۾ سنڌ چائلڊ ميرج ريسٽرينٽ ايڪٽ 2013ع کان موجود آهي پر ان تي عمل تمام گهٽ ٿئي ٿو.










