قومي ٻڌي ۽ سلامتي کي نقصان پهچائڻ جي ڪنهن کي به اجاز نه ڏينداسين

قومي ٻڌي ۽ سلامتي کي نقصان پهچائڻ جي ڪنهن کي به اجاز نه ڏينداسين

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس بعد جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته فوج جي اعليٰ قيادت اربع ڏينهن اهو عهد ورجايو آهي ته قومي اتحاد کي ڪمزور ڪرڻ جي نيت سان ڪو به بدنيتي تي ٻڌل مفاد، سياسي هجي يا ٻيو ڪو، هرگز برداشت نه ڪيو ويندو.
جي ايڇ ڪيو ۾ ٿيل 273هين ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس صدارت چيف آف ڊفينس فورسز ۽ چيف آف آرمي اسٽاف فيلڊ مارشل عاصم منير ڪئي.
آءِ ايس پي آر جي بيان موجب، “فورم دهشتگردي، ڏوهن ۽ ذاتي سياسي مفادن وچ ۾ موجود ڳانڍاپي کي صاف لفظن ۾ رد ڪري ڇڏيو.”
بيان ۾ چيو ويو ته، “اهو طئي ڪيو ويو ته قومي اتحاد، سلامتي ۽ استحڪام کي نقصان پهچائڻ جي نيت سان ڪو به بدنيتي تي ٻڌل مفاد، سياسي هجي يا ٻيو ڪو، برداشت نه ڪيو ويندو، ۽ نه ئي ڪنهن کي پاڪستان جي هٿياربند فوجن ۽ عوام وچ ۾ ويڇا پيدا ڪرڻ جي اجازت ڏني ويندي.”
فورم دهشتگردي خلاف ڪارروائين دوران شهيد ٿيندڙ سيڪيورٽي اهلڪارن ۽ تازن دهشتگرد واقعن ۾ “پنهنجون جانيون قربان ڪندڙ” شهرين کي خراجِ عقيدت پيش ڪيو، ۽ نشاندهي ڪئي ته استحڪام، وڌيڪ موقعن ۽ عزت ڏانهن پاڪستان جي تدريجي اڳڀرائي حڪومت، فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن (ايل اي ايز) جي گڏيل ڪوششن جو نتيجو آهي.
فوجي اعليٰ قيادت موجوده اندرين ۽ ٻاهرين سلامتي واري صورتحال جو به جامع جائزو ورتو، جنهن ۾ بدلجندڙ خطرن ۽ آپريشنل تياري تي خاص زور ڏنو ويو.
بيان ۾ چيو ويو ته، “شرڪت ڪندڙن ٻيهر اهو عزم ورجايو ته ڀارت جي سرپرستي هيٺ ڪم ڪندڙ سڀني دهشتگردن، انهن جي سهولتڪارن ۽ ساٿين سان بنا ڪنهن فرق جي فيصلائتي نموني نمٽيو ويندو.”
ان موقعي تي شرڪت ڪندڙن بلوچستان اسپيشل ڊولپمينٽ انيشيئٽوَز کي به ساراهيو، جن بابت آءِ ايس پي آر چيو ته اهي “مقامي بااختياري ۽ سماجي لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ لاءِ ترتيب ڏنل آهن، جيئن حڪمراني سان لاڳاپيل دهشتگردي جي چئلينجن کي منهن ڏئي سگهجي.”
بيان موجب، “شرڪت ڪندڙن ان ڳالهه جي به ضرورت تي زور ڏنو ته اهڙيون ئي عوام-مرڪوز شروعاتون ٻين علائقن ۾ به ڪيون وڃن، جيڪي قومي ايڪشن پلان سان هم آهنگ هجن، ته جيئن دائمي امن ۽ استحڪام يقيني بڻائي سگهجي.”
آءِ ايس پي آر وڌيڪ چيو ته فورم ڪشميري ۽ فلسطيني عوام جي حقِ خود اراديت لاءِ پاڪستان جي وابستگي کي ٻيهر ورجايو، گڏوگڏ غزه پٽي ۾ جنگبندي، بنا رڪاوٽ انساني امداد جي رسائي ۽ فلسطيني رياست جي قيام لاءِ واضح رستي جو مطالبو ڪيو.
بيان ۾ چيو ويو ته، “اختتامي خيالن ۾، سي او اي ايس ۽ سي ڊي ايف ڪمانڊرن کي هدايت ڪئي ته هو آپريشنل تياري، نظم و ضبط، تربيت، جسماني فٽنيس، ٽيڪنالاجي جدتن ۽ ميدانِ جنگ ۾ مطابقت جي بلند ترين معيارن کي برقرار رکن.”
هن پاڪستان فوج جي صلاحيتن تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪندي چيو ته اها روايتي، غير روايتي، هائبرڊ ۽ غيرمتناسب چئلينجن سميت سڀني قسمن جي خطرن کي مؤثر نموني منهن ڏيڻ جي اهل آهي، جڏهن ته قومي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جو ڀرپور تحفظ ڪندي رهندي.

پهنجو تبصرو موڪليو