عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ پيٽروليم قيمتن کي ٽن هفتن تائين روڪي رکيو

عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ پيٽروليم قيمتن کي ٽن هفتن تائين روڪي رکيو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي وزير خزانه محمد اورنگزيب قومي اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي چيو آهي ته حڪومت عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ قيمتن کي ٽن هفتن تائين روڪي رکيو ۽ رليف فراهم ڪيو ويو. 129 کان 130 ارب رپين تائين سبسڊي ڏني وئي آهي، جڏهن ته پي ايس ڊي پي ۾ 100 ارب رپين جي ڪٽوتي ڪئي وئي آهي.
گذريل هفتي هڪ بحث کان پوءِ جيترو ممڪن هو قيمتن کي روڪي رکيو ويو، جنهن کانپوءِ موٽر سائيڪل کان وٺي ٽرڪ ۽ بس تائين سبسڊي جي پاليسي تيار ڪئي وئي آهي. پنجاب ۾ ساڍا اٺ لک هاري آهن، جڏهن ته سنڌ ۾ هاري ڪارڊز موجود آهن.
وچ اوڀر، ايشيا ۽ آفريڪا سميت مختلف علائقن جي صورتحال تي نظر رکي پئي وڃي. گڏيل عرب امارات ۾ پيٽرول جي قيمتن ۾ 30 سيڪڙو ۽ ڊيزل ۾ 70 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي. الله ڪري خطي ۾ امن بحال ٿئي، وزيراعظم، فيلڊ مارشل ۽ پرڏيهي وزير پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، پر صرف اميد تي حڪمت عملي نٿي ٺهي، حڪومت مسلسل نگراني ڪري رهي آهي.
ناڻي واري وزير موجب هن وقت تائين پاڪستان جي زرمبادلي تي ڪو وڏو اثر نه پيو آهي، ملڪ جي 40 کان 50 سيڪڙو زرمبادلو GCC ملڪن مان اچي ٿو. اعلان ڪيل فنڊز جو آڊٽ ڪيو ويندو، جڏهن ته وزيراعظم شهباز شريف جي هدايت تي شفافيت برقرار رکڻ لاءِ ٽئين ڌر کان آڊٽ ڪرائي پئي وڃي.
محمد اورنگزيب وڌيڪ چيو ته هن هفتي يورو بانڊز جي 1.4 ارب ڊالر جي ادائيگي ڪئي ويندي. 26 ادارا نجڪاري لاءِ ڏنا ويا آهن، جڏهن ته يوٽيلٽي اسٽورز، پاسڪو ۽ پي ڊبليو ڊي کي بند ڪيو ويو آهي، ڇو ته اهي نجڪاري جي قابل به نه هئا. انهن ادارن ۾ ڪرپشن هئي، ان ڪري اهڙا ادارا بند ڪيا پيا وڃن. بحرانن مان سکڻ گهرجي، حڪومت ڪووڊ وبا مان به گهڻو ڪجهه سکيو آهي. ناڻي واري وزير چيو ته پاڪستان کي گرين انرجي ڏانهن وڌڻو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو