ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي ته ڪراچي جي ترقي، خوشحالي ۽ عوام کي بنيادي سھولتن جي فراھمي سنڌ حڪومت جي پھرين اوليت آھي، بجيٽ 2026-27 ۾ ڪراچي جي لاءِ 100 ارب رُپين کان وڌيڪ رقم رکي وئي آھي. ھڪ بيان ۾ سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ ڪراچي جي لاءِ رکيل فنڊز پاڻي جي فراھمي، گندي پاڻي جي نيڪال، روڊن جي تعمير ۽ بحالي ۽ ٻين عوامي سھولتن تي خرچ ڪيا ويندا، پاڪستان پيپلز پارٽي نعرن نھ پر عوامي خدمت جي سياست تي يقين رکي ٿي، ڪراچي جي عوام جا مسئلا حل ڪرڻ اسان جي ذميواري ۽عزم آھي. ھن چيو ته ڪراچي جي عوام جي سڀني کان وڌي ضرورت جديد، محفوظ ۽ باوقار سفري سھولتون آھن، حڪومت کي اُن جو ادراڪ آھي، سنڌ حڪومت عوام جي سفري صرورتن جي پورائي لاءِ تاريخي قدم کڻي رھي آھي، 500 جديد اليڪٽرڪ بسون ۽ ڊبل ڊيڪر بسون جلد ڪراچي جي روڊن تي ھلندي نظر اينديون. سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته روزگار جا نوان موقعا پيدا ڪرڻ سنڌ حڪومت جي معاشي حڪمت عملي جو اھم ٿنڀ آھي، بجيٽ ۾ نوجوانن جي روشن مستقبل کي خاص اھميت ڏني وئي آھي، صنعتي زونز، ترقياتي رٿائون، ٽرانسپورٽ اسڪيمون ۽ بنيادي ڍانچي جي وڏن منصوبن ذريعي ھزارين نوجوانن جي لاءِ روزگار جا نوان دروازا کُلندا. ھن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي سياست جو مرڪز سدائين عام ماڻھو، پورھيت، ھاري، نوجوان ۽ وچولو طبقو رھيو آھي، سنڌ حڪومت وسيلن کي عوام جي معيار، زندگي کي بھتر بڻائڻ، روزگار، تعليم، صحت ۽ جديد شھري سھولتن جي فراھمي تي خرچ ڪري رھي آھي. شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ ھو ته ڪجھ سياسي مقصدن لاءِ ڪراچي ۽ سنڌ جو منفي تاثر پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آھن، عوام ترقياتي منصوبن، بھتر ٽرانسپورٽ، جاري تعميراتي ڪمن ۽ عوامي فلاح جي لاءِ قدمن کي پنھنجي اکين سان ڏسي رھيو آھي، عوام ڄاڻي ٿي تھ سنڌ حڪومت مشڪلاتن جي باوجود وسيلن کي عوام جي فلاح تي خرچ ڪري رھي آھي. ھن چيو ته مالي سال 2026-27 جي بجيٽ رڳو انگن اکرن جو مجموعو نه پر روشن مستقبل، بھتر روازگار ۽ ھڪ خوشحال سنڌ ڏانھن عملي اڳڀرائي واري بجيٽ آھي.










