عوام ٻيهر عمران جي انتشاري سڏ کي رد ڪيو: شيري

عوام ٻيهر عمران جي انتشاري سڏ کي رد ڪيو: شيري

اسلام آباد(بيورو)پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ شيري رحمان عمران خان جي احتجاج تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته عوام ڪالهه ٻيهر عمران خان جي انتشار واري سڏ کي رد ڪري ڇڏيو سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل ٽوئيٽ ۾ شيري رحمان چيو ته ماڻهن جو ٿورڙو تعداد ڏسي عمران خان احتجاج جو سڏ واپس ورتو.هن چيو ته عوام جڏهن عالمي سازش جي بيان کي رد ڪيو ته کين مهانگائي ياد آئي، جنهن خلاف عمران خان احتجاج ڪري رهيو هو ان جو ذميوار به هو. هن وڌيڪ چيو ته ملڪ جي معيشت کي تباهه ڪرڻ بعد نجات ڏيندڙ بڻجڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.شيري رحمان چيو ته عمران خان حڪومت ۾ اچي چوندو هو ته هو آلو ۽ ٽماٽن جا اگهه مقرر ڪرڻ نه آيو آهي، عوام کي هاڻي پي ٽي آءِ جي بيان بازي ۽ انتشار جي سياست ۾ دلچسپي ناهي.

پهنجو تبصرو موڪليو