عوام خبردار رهي، اي ٽي ايم جي نئين فراڊ جو الرٽ جاري

عوام خبردار رهي، اي ٽي ايم جي نئين فراڊ جو الرٽ جاري

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)مختلف بئنڪن ۽ ماهرن شهرين کي “اي ٽي ايم ڪيش ٽريپنگ” جي فراڊ بابت خبردار ڪيو آهي. اي ٽي ايم ڪيش ٽريپنگ ذريعي فرادي ماڻهو ڪيش سلاٽ تي رڪاوَٽ وجهن ٿا، اهڙو تاثر ڏياريو ويندو آهي ته مشين ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو آهي. جعلساز گروهه رقم نڪرندڙ حصي کي بلاڪ ڪري ڇڏين ٿا جيئن شهرين جي رقم ٻاهر نڪري نه سگهي. اي ٽي ايم استعمال ڪندڙ جا پيسا اندر ئي ڦاسي پون ٿا ۽ جڏهن اي ٽي ايم استعمال ڪندڙ هليو ويندو آهي ته اسڪيمرز يعني فراڊي اچي پيسا ڪڍي وٺن ٿا. اي ٽي ايم ڪيش ٽريپنگ هڪ اهڙو طريقو آهي، جنهن کي سائبر ڪرمنلز اي ٽي ايم تي استعمال ڪندا آهن. سائبر ڪرمنلز مخصوص ڊوائيسز ذريعي صارفين جي نقد رقم کي ڦاسائيندا آهن. فراڊي اي ٽي ايم اندر اهڙي ڊوائيس وجهن ٿا جيڪا ڪيش ڊسپينسر طرفان صارف کي ڏنل نقد رقم کي ڦاسائي ڇڏيندي آهي. صارف سمجهندو آهي ته مشين خراب آهي ۽ سندس پيسا نه آيا. هن واردات ۾ استعمال ٿيندڙ اوزار کي عام طور تي “گلو ٽريپ” چيو ويندو آهي، جيڪو اي ٽي ايم جي ڪيش سلاٽ جي اندر يا ان جي سامهون لڳايو ويندو آهي. پئسا ڦاسائڻ لاءِ اصل ڪيش ڊسپينسر جي سامهون هڪ جعلي اي ٽي ايم ڪيش ڊسپينسر به رکيو ويندو آهي. اي ٽي ايم ڪيش ٽريپنگ ۾ ٻه قسمن جا ڪيش ٽريپس استعمال ٿين ٿا جن کي ٽائپ ون ۽ ٽائپ ٽو چيو ويندو آهي. ٽائپ ون ڪيش ٽريپس صارفين جي نظر ۾ ايندا آهن، پر صارف ٽريپس ۽ اي ٽي ايم جي اصل ڊسپينسر جي وچ ۾ فرق نه سمجهي سگهندا جڏهن ته ٽائپ ٽو لڪايل ڊوائيس هونديون آهن جيڪي اي ٽي ايم جي اندر لڪائي رکيون وينديون آهن ۽ صارف کي ان جو احساس ئي نه ٿيندو آهي. فراڊي ماڻهو اڪثر جعلي شٽر يا نقلي ڪيش ڊسپينسر به لڳائي ڇڏيندا آهن جيئن اصلي رقم ڦاسي پوي ۽ جوابدار آساني سان رقم پنهنجي قبضي ۾ وٺي سگهن. هن سلسلي ۾ ماهرن جو چوڻ آهي ته شهري احتياط ڪندا ته اي ٽي ايم ڪيش ٽريپنگ فراڊ کان بچي سگهن ٿا. ماهرن جي صلاح آهي ته شهري ڪارڊ سلاٽ کي چيڪ ڪن؛ جيڪڏهن ڪجهه غير معمولي محسوس ٿئي ته مشين استعمال نه ڪن. مشڪوڪ شيون، ڪوڙو يا ڍلا شٽر، اضافي حصا يا ڪا تار ڏسڻ تي فوراً مشين استعمال ڪرڻ بند ڪريو. پن داخل ڪندي ڪي پيڊ کي هٿ سان ڍڪيو ۽ پن ڪنهن سان به شيئر نه ڪريو. جيڪڏهن رقم نه نڪري ته اي ٽي ايم تان هليا نه وڃو پر بئنڪ مئنيجر سان رابطو ڪريو. جيڪڏهن اي ٽي ايم مشين ۾ ڪا مشڪوڪ شيءِ نظر اچي ته ان کي استعمال نه ڪريو ۽ رپورٽ ڪريو. هن سلسلي ۾ نيشنل سائبر ڪرائم انويسٽيگيشن ايجنسي (NCI) جي اهلڪارن جو چوڻ آهي ته بئنڪن کي پنهنجي اي ٽي ايم مشينن تي “اينٽي ڪيش ٽريپنگ” ڊوائيسز نصب ڪرڻ گهرجن ۽ مشينن کي وقت سر اپڊيٽ ڪرڻ گهرجي. حڪام جو چوڻ آهي ته جيئن جيئن ملزمان ٽيڪنالاجي ۾ ماهر ٿي رهيا آهن، واردات جا طريقا به پيچيده ٿيندا پيا وڃن. تنهن ڪري بئنڪن کي گهرجي ته اي ٽي ايم جي ڊيزائن ۽ سيڪيورٽي پروٽوڪول ۾ لڳاتار سڌارا آڻين ۽ عوامي آگاهي مهمون تيز ڪن ته جيئن صارف پاڻ کي اهڙن فراڊن کان محفوظ رکي سگهن.

پهنجو تبصرو موڪليو