عوام تي ٻوجهه وجهنداسين ته هر شيءِ آسمان تي ويندي:ڊار

عوام تي ٻوجهه وجهنداسين ته هر شيءِ آسمان تي ويندي:ڊار

لنڊن(ويب ڊيسڪ)اڳوڻي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته حڪومت عوام تي بار وڌو ته هر شيءِ جي قيمت آسمان ڏانهن وڌي ويندي. لنڊن ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي اسحاق ڊار چيو ته پي ٽي آءِ حڪومت اهو تاثر ڏنو ته سبسڊي ڏني وئي جيڪا نه هئي، هي 300 ارب رپين جو مسئلو آهي مجموعي طور تي قيمت وڌي ويندي.پي ٽي آءِ تي تنقيد ڪندي هن چيو ته اهي اليڪشن چوري ڪري آيا ۽ آئيني طريقي سان هليا، اهي هضم نه ٿي سگهيا.هن چيو ته چونڊن جو فيصلو اتحادي پارٽيون ڪنديون جڏهن ته اليڪشن ڪمشنر موجب هو آڪٽوبر کان اڳ چونڊون نٿا ڪرائي سگهن، ٻيو آپشن آگسٽ 2023ع آهي.اسحاق ڊار وڌيڪ چيو ته صدر پاڪستان جو عمل انتهائي نامناسب آهي، پاڪستان ۾ انارڪي پکيڙڻ جي ڪوشش سٺي ڳالهه ناهي.

پهنجو تبصرو موڪليو