عوامي خدمت جاري رکنداسين، رفيق خان جمالي

دادو(رپورٽ عزيزالله خاصخيلي) پاڪستان پيپلز پارٽي ضلع دادو پاران 55هين يوم تاسيس جي تقريب ضلع ڪائونسل لان دادو ۾ ڪوٺائي وئي تقريب ۾ پ پ پ ضلعي صدر ايم اين اي رفيق احمد جمالي، ايم اين اي عرفان ظفر لغاري، ايم پي اي ڪلثوم چانڊيو، وڏي وزير جو صلاحڪار ڊاڪٽر بنده علي لغاري، اڳوڻو ايم اين اي طلعت مهيسر، اڳوڻو ايم پي اي سيد محمد شاهه، دوست علي جيسر، غلام شبير ابڙو، قمبر خان لغاري، بابن خان پنهور، خليل احمد شيخ، ممتاز علي جوکيو، مرتضيٰ ڳورڙ، عذره ميمڻ، علي قاضي سميت وڏي انگ ۾ پ پ پ جي عهديدارن، ميمبرن، ڪارڪنن شرڪت ڪئي ان موقعي تي پ پ پ ضلعي دادو جي صدر ايم اين اي رفيق احمد جمالي ۽ ٻين چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽي عوام جي حقن لاءِ پاڪستان پيپلز پارٽي جو قيام آندو پارٽي قيادت جي فيصلي موجب هر ضلعي ۾ يوم تاسيس جون تقريبون ڪوٺايو ويون آهن پوري ضلعي ۾ ٻوڏ ۽ برساتن سبب تباهي آئي ۽ هتان جو عوام سخت متاثر ٿيو پر اڄ به پارٽي سان محبت اوهان سامهون آهي ته هزارين ماڻهو شهيد راڻي جي پارٽي سان محبت جو اظهار ڪندي يوم تاسيس جي تقريب ۾ شريڪ ٿيا آهن پيپلز پارٽي ڪلهه به مضبوط هئي اڄ به مضبوط آهي ۽ انشاءُ الله هميشه مضبوط رهندي پاڪستان پيپلز پارٽي عوام جو سمنڊ بڻجي پوري دنيا ۾ مثال قائم ڪري ڇڏيو آهي پاڪستان پيپلز پارٽي هميشه عوام جي حقن لاءِ ڪم ڪيو آهي ۽ ڪندي رهندي. رفيق جمالي چيو ته پيپلز پارٽي سياسي ڪربلا ڀوڳي به ملڪي مفادن خلاف ڪڏهن ڪم ناهي ڪيو. اسانجي پارٽي قرباني ۽ ڪارڪردگي جي تاريخ رکي ٿي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو