عوامي تحريڪ جي وفد جي ري اميجنگ پاڪستان جي پروگرام ۾ شرڪت‎‎

عوامي تحريڪ جي وفد جي ري اميجنگ پاڪستان جي پروگرام ۾ شرڪت‎‎

حيدرآباد (پ ر) مسلم ليگ نواز جي اڳواڻ انور سومري طرفان “ري اميجنگ پاڪستان” جي عنوان سان منعقد ڪيل پروگرام ۾ عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ ايڊووڪيٽ اسماعيل خاصخيلي ۽ انور رند شرڪت ڪئي. پروگرام ۾ عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻن ايڊووڪيٽ اسماعيل خاصخيلي، شاھد خاقان عباسي، مفتاح اسماعيل، انور سومرو ۽ جامي چانڊيو سميت مختلف اڳواڻن خطاب ڪيو. ان موقعي تي خطاب ڪندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ ايڊووڪيٽ اسماعيل خاصخيلي چيو تھ ري اميجنگ پاڪستان جو تصور 1940ع جي قرارداد تي عمل ڪرڻ کانسواءِ ممڪن ناھي. جيستائين 1940ع جي قرارداد تي عمل نٿو ٿئي اوستائين پاڪستان ساڳيوئي قرضي ۽ تباھ حال رھندو. ھن وڌيڪ چيو تھ گذريل 15 سالن کان سنڌ ۾ پيپلز پارٽي جي حڪومت آھي، پيپلز پارٽي ڪرپشن ۽ بدانتظامي جا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آھن. زرداري مافيا سنڌ وڪڻي ۽ تباھ ڪري ڇڏي آھي، سنڌ جي ماڻھن کي ڦري لٽي تباھ ۽ برباد ڪيو ويو آھي ھاڻي تھ ماڻھن وٽ کائڻ لاءِ گھر ۾ اٽو بھ ڪونھي. ھن وڏيڪ چيو تھ تازو پيش ڪيل وفاقي بجيٽ ۾ 450 ارب روپيا بينظير انڪم سپورٽ پروگرام لاءِ رکيا ويا آھن، اھي دراصل سنڌ جي عورتن کي خيرات ڏيڻ جي لاءِ آھن. اسان کي خيرات نٿي کپي پر سنڌ وفاقي سرڪار انھن پئسن مان 450 گارميٽ جون فيڪٽريون لڳائي عورتن کي تربيت ڏئي انھن کي مستقل روزگار ڏئي سگھي ٿي. ھن پنھنجي تقرير ۾ وڌيڪ چيو تھ سنڌو درياءَ تي ڪو بھ ڊيم نھ ٺاھيو وڃي. سڀني وفاقي ادارن ۾ سنڌ جي رکيل ڪوٽا مطابق سنڌي ماڻھن کي نوڪريون ڏنيون وڃن، جن ۾ خاص ڪري سپريم ڪورٽ ۾ سنڌي ڳالھائيندڙ جج، ملڪ جي حساس ادارن ۾ سنڌي ماڻھن کي اھم عھدن تي مقرر ڪيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو