عمرڪوٽ (ن س ): عمرڪوٽ ڀرسان ڳوٺ حيدر فارم ۾ 13 ورهين جي نينگر پوپٽ پٽ ڪيول ڀيل جو گهر مان ڦاهو کاڌل لاش هٿ آيو آهي، جنهن کانپوءِ علائقي ۾ ڏک ۽ سوڳ جي لهر ڇانئجي وئي.وارثن موجب نينگر جو لاش گهر مان هٿ اچڻ بعد کيس فوري طور عمرڪوٽ جي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي ڊاڪٽرن سندس فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي.واقعي جي اطلاع ملڻ تي تعلقه ٿاڻي جي پوليس سول اسپتال پهچي نينگر جو لاش تحويل ۾ ورتو.پوليس موجب وارثن نينگر جو پوسٽ مارٽم ڪرائڻ ۽ قانوني ڪارروائي کان انڪار ڪيو، جنهن بعد لاش ضروري ڪارروائي کانپوءِ وارثن حوالي ڪيو ويو.وارثن جو چوڻ آهي ته نينگر کي خرچي نه ملڻ تي ڪاوڙ آئي، جنهن بعد هن مبينا طور انتهائي قدم کنيو.پوليس پڻ تصديق ڪئي ته وارثن پوسٽ مارٽم ۽ قانوني ڪارروائي ڪرائڻ کان انڪار ڪيو، جنهن تي لاش وارثن حوالي ڪيو ويو.نينگر جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، جڏهن ته وارثن ۾ روڄ راڙو پئجي ويو. واقعي سبب علائقي ۾ سوڳ واري صورتحال ڇانيل آهي.پوليس موجب واقعي بابت وڌيڪ حقيقتون پوسٽ مارٽم ۽ قانوني جاچ کانپوءِ سامهون اچي سگهن ٿيون، جڏهن ته وارثن جي انڪار سبب پوسٽ مارٽم نه ڪرايو ويو.










