عمرڪوٽ(ن س)عمرڪوٽ جي ڳوٺ ڳموري ۾ اسڪول جي ڀت ڪرڻ سبب 3 ٻارڙيون دٻجي فوت ٿي ويون،ٻارڙيون مدرسي سان واپس وڃي رهيون جتي سندن مٿان ڀٿ ڪري پئي ڳوٺاڻن ٻارڙن کي ڪڍي اسپتال پهچايو ويو جتي ڊاڪٽرن فوت ٿيڻ جي تصديق ڪري ڇڏي تعليم واري صوبائي وزير سيد سردار علي شاهه عمرڪوٽ ۾ اسڪول جي ڀت ڪِرڻ واري مبينه حادثي سبب ٽن ٻارڙين جي فوت ٿيڻ واري المناڪ واقعي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آھي. صوبائي وزير سيد سردار علي شاهه فوت ٿيل نينگرين جي وارثن سان دلي همدردي ۽ تعزيت ڪئي.صوبائي وزير واقعي جي تفصيلي رپورٽ طلب ڪري ورتي، ايجوڪيشن ورڪس جي آفيسرن کي سائيٽ تي فوري پھچڻ جي ھدايت ڪري ڇڏي، سيد سردار علي شاهه هدايت ڪئي ته واقعي جي شفاف جاچ ڪري ذميوارن جو تعين ڪيو ويندو، حادثي جي رپورٽ موجب عمرڪوٽ جي ڳوٺ ڳموري ۾ اسڪول جي ديوار ڪرڻ واري حادثي سبب ٽي نينگريون دٻجي فوت ٿيڻ جي اطلاع سامھون آئي.










