اسلام آباد(بيورو)منصوبابندي واري وفاقي وزير ۽ مسلم ليگ ن جي اڳواڻ احسن اقبال جو چوڻ آهي ته عمران نيازي جڏهن سياست ۾ شڪست کاڌي ته سپريم ڪورٽ کي سياسي تڪرارن ۾ وجهڻ جي ڪوشش ڪندو آهي.سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي بيان ۾ احسن اقبال چيو ته عمران نيازي پاناما کان وٺي پنجاب جي وڏي وزير تائين ساڳي راند کيڏي رهيو آهي.ن ليگ اڳواڻ جو چوڻ آهي ته عمران نيازي پهريان ادارن تي حملا ڪري دٻاءُ وجهي ٿو ۽ پوءِ رليف ڏيڻ جي ڪوشش ڪري ٿو.










