اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ باني عمران خان کي سندس زال سان ملڻ جي اجازت نه ڏيڻ تي اڊيالا جيل جي سپرنٽنڊنٽ کي ذاتي طور تي طلب ڪري ورتو آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي قائم مقام چيف جسٽس سرفراز ڊوگر عدالتي حڪم تي عمران خان کي سندس زال بشريٰ بي بي سان ملڻ جي اجازت نه ڏيڻ تي توهين عدالت جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.عدالت ۾ دليل ڏيندي عمران خان جي وڪيل فيصل چوڌري چيو ته پي ٽي آءِ جي باني سان ملاقات بابت عدالت جي حڪم تي اڃا تائين عمل نه ٿيو آهي، 28 جنوري تي جيل سپرنٽنڊنٽ عدالت ۾ عمران خان جي بشريٰ بي بي سان ملاقات بابت بيان ڏنو هو.فيصل چوڌري چيو ته جيل سپرنٽنڊنٽ جي بيان جي باوجود، بشريٰ بي بي کي پي ٽي آءِ جي باني سان ملڻ جي اجازت نه پئي ڏني وڃي.ان موقعي تي، عدالت اسٽيٽ ڪائونسل کان پڇيو ته عدالتي حڪم تي عمل ڇو نه ڪيو ويو ۽ حڪم تي عمل درآمد کي يقيني بڻايو وڃي.










