راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) عوامي مسلم ليگ جي سربراهه ۽ اڳوڻي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته عمران خان کي ڪنهن به مقرري تي اعتراض ناهي.سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ شيخ رشيد چيو ته نواز شريف نگران حڪومت جي مدي ۾ واڌ چاهي ٿو ۽ پنهنجي مرضي سان مقرري به چاهي ٿو پر هڪ ٽڪيٽ ۾ 2 خوشيون نه ملن، پي ٽي ايم جو سياسي جنازو ختم ٿي ويو آهي.اڳوڻي وزير جو چوڻ هو ته بلاول جي پريس ڪانفرنس ۾ سياسي رويو واضح آهي، ملڪ جو پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو ملڪ جي صدر کي ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي، هي منگي ٽنگ جي حڪومت جو نتيجو آهي. هن وڌيڪ چيو ته عمران خان ڪنهن جي مقرري خلاف ناهي، نئون آرمي چيف ملڪ کي چونڊن طرف وٺي ويندو، ايندڙ 5 ڏينهن سياست ۾ فيصلا ڪندڙ آهن.










