اسلام آباد(بيورو)پنجاب جي نئين چونڊيل وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي جي پٽ مونس الاهي عمران خان کي ٻيهر وزيراعظم بڻائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو آهي. مونس الاهي ٽوئيٽر تي چوڌري پرويز الاهي جي حلف کڻڻ واري تصوير شيئر ڪئي ۽ ٻئي طرف عمران خان جي وزيراعظم طور حلف کڻڻ واري تصوير به پوسٽ ڪئي. مونس الاهي جو چوڻ هو ته سندس والد جڏهن پنجاب جو وڏو وزير ٿيو ته الله جي فضل سان هڪ مشن پورو ٿي ويو آهي، هاڻي ٻئي مشن لاءِ پئسا خرچ ڪندو، انشاءَ الله عمران خان کي ٻيهر ڪرسي تي آڻيندس.










