اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان چاهي ٿو ته چونڊون پنهنجي پسند جي وقت تي ٿين، چونڊون تڏهن ٿينديون جڏهن اسان پنهنجو آئيني مدو پورو ڪندا.عرب ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي مريم اورنگزيب چيو ته عمران خان ۽ سندس پارٽي هميشه ملڪ کي نقصان پهچايو آهي، کين القادر ٽرسٽ ڪرپشن ڪيس ۾ نيب گرفتار ڪيو.هن چيو ته عمران خان پنهنجي دور ۾ مخالف ڌر جي مقبول قيادت کي جيلن ۾ وڌو، اسان انهن کي گرفتار ڪري ڪو مقصد حاصل نه ڪيو.مريم اورنگزيب جو چوڻ آهي ته يوٽرن خان ملڪ جي سياسي قيادت خلاف هميشه ناڪاري ٻولي استعمال ڪئي، زمان پارڪ ۾ پي ٽي آءِ ڪارڪنن پيٽرول بم اڇلايا ۽ پوليس تي پٿراءُ ڪيو.ن ليگ اڳواڻ چيو ته پي ٽي آءِ ڪارڪنن ٽولي جي شڪل ۾ جڊيشل ڪمپليڪس تي حملو ڪيو، عمران خان هميشه تشدد ۽ انتشار جي سياست کي فروغ ڏنو.شرپسندن جناح هائوس جي تاريخي عمارت کي نقصان پهچايو.سندس چوڻ آهي ته حڪومت پنهنجي شهرين خلاف ڪابه طاقت استعمال نه ڪئي آهي، ملڪ جو بنياد ٽن اهم ٿنڀن تي ٻڌل آهي، عدالتن ۾ ”مون کي توهان سان ملي ڪري تمام گهڻي خوشي ٿي“ جا لفظ چيا ويا. سڌ سماءَ واري وزير چيو ته عمران خان جنرل باجوه تي به الزام هنيا، عمران خان طرفان جنرل (ر) باجوه جي عمر ۾ واڌ جي آڇ ڪئي وئي، عمران خان پنهنجي حڪومت وڃڻ تي پاڻ مختلف موقف اختيار ڪيا.مريم اورنگزيب جو چوڻ آهي ته عمران خان جي گهرواري ۽ فرح گوگي سميت ڪيترائي وزير ڪرپشن ۾ ملوث هئا، هنن پنهنجي دور ۾ سخت مهانگائي جا تحفا ڏنا، پي ٽي آءِ آءِ ايم ايف سان معاهدو ڪري ان جي ڀڃڪڙي ڪئي.هن چيو ته عمران خان ملڪ جي وقار کي داءَ تي لڳايو، اسان کي تباهه ٿيل معيشت ورثي ۾ ملي، هن معيشت سان جيڪا راند ڪئي اها بي مثال آهي، پاڪستان محفوظ هٿن ۾ آهي.










