عمران خان وٽ 5 اسيمبلي ميمبر خريد ڪرڻ لاءِ پئسا ڪٿان آيا؟ شرجيل ميمڻ

عمران خان وٽ 5 اسيمبلي ميمبر خريد ڪرڻ لاءِ پئسا ڪٿان آيا؟ شرجيل ميمڻ

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي سڌ سماءَ واري وزير شرجيل انعام ميمڻ عمران خان بابت سوال اٿاريندي چيو آهي ته عمران خان وٽ 5 اسيمبلي ميمبر خريد ڪرڻ لاءِ پئسا ڪٿان آيا؟ ايم ايل ايز فرح گوگي جي پئسن سان خريد ڪيا ويا يا سونامي جي اربين پئسن سان؟ ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شرجيل ميمڻ چيو ته عمران خان جي آڊيو مان ثابت ٿي ويو ته هن 5 اسيمبلي ميمبرن کي خريد ڪيو. شرجيل ميمڻ چيو ته عدالتن کي عمران خان جي اسيمبلي ميمبرن کي خريد ڪرڻ جي اعتراف جو نوٽيس وٺڻ گهرجي، عمران خان خلاف جي آءِ ٽي جوڙي وڃي، ميمبرن کي خريد ڪرڻ جو مني ٽريل ورتو وڃي. صوبائي وزير چيو ته سعودي عرب ۾ اڄ 10 ماڻهو جيلن ۾ آهن، جنهن غلط رستي تي فرياديءَ ماڻهن کي آندو، نظام خراب ٿي چڪو آهي، فوجي شهيدن جي توهين ڪرڻ تي گرفتار ٿيندڙن جو سڀ کان وڏو حامي عمران خان آهي. شرجيل ميمڻ چيو ته عمران خان پنهنجي پٽن ۽ ڀينرن کي سڏ ڪري احتجاج جي اڳواڻي ڪري. سنڌ جي اطلاعات واري وزير چيو ته حڪومتي مشينري ٻوڏ متاثرن جي مدد لاءِ مصروف آهي، عالمي بئنڪ ٻوڏ متاثرن جي مدد لاءِ هاڪاري جواب ڏنو آهي، ورلڊ بئنڪ 6 ارب رپيا ڏيندو ۽ سنڌ حڪومت ڪراچي لاءِ 7 ارب رپيا ڏيندي.شرجيل ميمڻ چيو ته بلاول ڀٽو زرداري چئن مهينن ۾ ڪامياب دورا ڪيا، جيڪو هڪ رڪارڊ آهي، سڄي دنيا مان ٻوڏ متاثرن جي مدد لاءِ بهتر ردعمل اچي رهيو آهي، ڪنهن به وزيراعظم پنهنجي ملڪ خلاف اهڙي گھناؤني سازش ناهي ڪئي، عمران خان کي خبر آهي. خبر ناهي ملڪ جا مسئلا ڪهڙا آهن ۽ ڪيئن هلائجن؟ هن وڌيڪ چيو ته عمران خان عالمي لاڳاپن کي ڪا اهميت نه ڏني، عمران خان واحد وزيراعظم هو جنهن کي آئيني ۽ قانوني طريقي سان گهر موڪليو ويو، عمران خان دوست ملڪن سان لاڳاپا خراب ڪيا.

پهنجو تبصرو موڪليو