عمران خان وٽ وڏي وزير جو پنهنجو اميدوار ناهي: مريم نواز

عمران خان وٽ وڏي وزير جو پنهنجو اميدوار ناهي: مريم نواز

لاهور (م ڊ)مسلم ليگ ن جي نائب صدر مريم نواز جو چوڻ آهي ته عظيم قوم جي تعمير جو دعويدار عمران خان وٽ وڏي وزير جي عهدي لاءِ به پنهنجو اميدوار ناهي. هن چيو ته پنجاب جي خدمت ڪرڻ ۽ پنجاب کي ٺيڪو ڏيڻ ۾ فرق آهي، 2018ع ۾ پنجاب جي عوام نواز شريف کي مينڊيٽ ڏنو. مريم نواز چيو ته پنجاب جي عوام جو نوازشريف کي ڏنل مينڊيٽ بدمعاشي، دھاندلي ذريعي کسي ويو، هي زنده عوام جو صوبو آهي، فتنا خان جي اي ٽي ايم ناهي.مسلم ليگ ن جي نائب صدر مريم نواز وڌيڪ چيو ته جيڪو غلاميءَ مان آزاديءَ جو پرچار ڪري ٿو، اهو پنهنجي ميمبرن کي غلامن کان به بدتر سمجهي ٿو، جيڪو کيس پنجاب جو سڀ کان وڏو ڊڪو سڏيندو رهيو، اڄ ان لاءِ ووٽ گهري رهيو آهي، ان لاءِ ٻارهن ڪروڙ. جي صوبي جي مالڪي ڪرڻ لاءِ تيار آهي پنجاب مني گالا ناهي ته ڪڏهن بوزدار، ڪڏهن گوگي، پنڪي ۽ سندس پٽن حوالي ڪري سگهو.

پهنجو تبصرو موڪليو