اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو) وزيراعظم عمران خان موسمياتي تبديلي ۾ تعاون جي لاءِ بل گيٽس کي خط لکي ڇڏيو آهي. وزيراعظم عمران خان مائيڪروسافٽ جي باني بل گيٽس کي لکيل خط ۾ چيو آهي ته پاڪستان ان ملڪن ۾ آهي جتي موسمياتي تبديلي جا خطرا وڌيڪ آهن.هن چيو ته پاڪستان به موسمي خطرن کي منهن ڏيڻ ۽ بچاءُ جي لاءِ قدم کڻي رهيو آهي. اچو ملي دنيا کي موسمياتي تبديلين جي خطرن کان بچايون. وزيراعظم عمران خان ڪلائميٽ چينج جي خطرن تي ڪتاب لکڻ تي بل گيٽس کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته پاڪستان ڪاربن جي کوٽ لاءِ متبادل توانائي جا منصوبا شروع ڪري رهيو آهي.هن خط ۾ لکيو آهي ته بلين ٽري سونامي، نيشنل پارڪس ۽ ڪلين گرين جا پروگرام پاڪستان ۾ جاري آهن ۽ پاڪستان وڻڪاري مهم ۾ اڳڀرو آهي. وزيراعظم چيو ته 10 لک ايڪڙ ٻيلن کي محفوظ بنايو ويو آهي ۽ پاڪستان موسمياتي تبديلين جي خطرن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ تعاون لاءِ تيار آهي. سموري دنيا کي موسياتي خطرن کي ڏسندي هنگامي قدم کڻڻا پوندا.
مشهور خبرون










