عمران خان صدر عارف علوي کان استيفعيٰ ڏياري ڏيکاري:شرجيل ميمڻ

عمران خان صدر عارف علوي کان استيفعيٰ ڏياري ڏيکاري:شرجيل ميمڻ

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي سڌ سماءَ واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته عمران خان جي استعيفيٰ جو اعلان ڪوڙو آهي، صدر عارف علوي کان استعيفيٰ وٺي ڏيکاريو.ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شرجيل ميمڻ چيو ته اهو ڏينهن پري ناهي جڏهن عمران خان جيل جي سلاخن پٺيان هوندو، منهنجي ڄاڻ موجب اڊيالا جيل ۾ صفائي جو ڪم ٿي رهيو آهي. شرجيل ميمڻ چيو ته عمران خان ڪالهه ميدان ڇڏڻ ۽ ڀڄڻ جي ڳالهه ڪئي، هو اليڪشن جي تاريخ وٺڻ آيو هو ۽ استعيفيٰ جو اعلان ڪري هليو ويو.هن چيو ته عمران خان عوام کي بيوقوف بڻائي رهيو آهي، سندس پنهنجا ايم اين اي ساڻس گڏ نه آهن، ڪالهه جي ميٽنگ ڪا ڪارنر ميٽنگ نه هئي، جنهن ۾ سڄي ملڪ مان ماڻهن کي دعوت ڏني وئي هئي.پيپلز پارٽي جي اڳواڻ چيو ته ڪالهه جيترا ماڻهو عمران خان جي جلسي ۾ آيا هئا، مان 2 ڏينهن ۾ پنهنجي حلقي ۾ گڏ ٿي سگهان ٿو. صوبائي وزير چيو ته پرويز الاهي سمجهدار ماڻهو آهي، هو عمران خان جي چوڻ تي ڪڏهن به اقتدار ڇڏڻ نه چاهيندو.پ پ اڳواڻ چيو ته عمران خان 3 سالن ۾ اهڙو ڪو به منصوبو شروع ناهي ڪيو جنهن سان عوام کي فائدو ٿئي، هن رڳو مخالفن خلاف ايڪشن کنيو آهي.شرجيل ميمڻ وڌيڪ چيو ته ريڊ لائين منصوبي تي ڪم تيزي سان هلي رهيو آهي، بهترين ٽرانسپورٽ حاصل ڪرڻ عوام جو حق آهي.هن اهو به چيو ته ڪراچي جي شهرين لاءِ اليڪٽرڪ گاڏيون شروع ڪيون وينديون، جنهن کانپوءِ ٻين شهرن ۾ به ساڳيو ڪم ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو