اسلام آباد(بيورو رپورٽ) دهشتگردي ٽوڙ عدالت پي ٽي وي ۽ پارليامينٽ حملي ڪيس ۾ عمران خان خلاف ٻن ڪيسن مان اي ٽي سي جون شقون خارج ڪري ڇڏيون.2014 ۾ پي ٽي وي جي ڌرڻي ۾ پي ٽي وي ۽ پارليامينٽ تي حملي جا ڪيس داخل ڪيا ويا هئا، جنهن ۾ عمران خان جي شريڪ جوابدارن دهشتگردي جي شقن کي ڪالعدم قرار ڏيڻ جي درخواست داخل ڪئي هئي.اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج جواد عباس درخواست تي فيصلو محفوظ ڪندي پي ٽي آءِ چيئرمين خلاف دهشتگردي ٽوڙ عدالت کي ٻن هنڌن تان هٽائي ڇڏيو.دهشتگردي جي انت واري عدالت دهشتگردي جا قلم ختم ڪري ڪيس سيشن ڪورٽ ڏانهن اماڻي ڇڏيو.










