اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) تحريڪ انصاف جي باني عمران خان جي 15 اپريل تي سيشن عدالت طلبي جي معاملي تي اهم اڳڀرائي سامهون آئي آهي، اڊياله جيل اختيارين عمران خان کي پيش ڪرڻ جي لاءِ خصوصي سيڪيورٽي گهري ورتي آهي.رپورٽ موجب ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽس اسلام آباد ۾ پي ٽي آءِ باني عمران خان خلاف قتل جي ارادي، جعلي رسيدون ۽ ٻين ڪيسز ۾ ضمانت جي حوالي سان داخل درخواستن تي 15 اپريل تي سيشن عدالت ۾ ٻڌڻي جي دوران جج افضل مجوڪا عمران خان کي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري رکيو آهي. اڊياله جيل اختيارين عمران خان کي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جي لاءِ خصوصي سيڪيورٽي گهري ورتي آهي، اڊياله جيل جي سپرنٽينڊنٽ طرفان سيڪيورٽي جي لاءِ خط لکيو ويو آهي. خط ۾ پي ٽي آءِ باني جي سيڪيورٽي لاءِ اڊاله جيل اختيارين خصوصي گارڊز گهري ورتا آهن.ايڊيشنل سيشن جج افضل مجوڪا پي ٽي آءِ باني عمران خان کي 15 اپريل تي پيش ڪرڻ جي هدايت ڪري رکي آهي. پي ٽي آءِ باني کي قتل واري قدم، جعلي رسيدون ۽ ٻين ڪيسز ۾ ضمانتن جون درخواستون ٻڌڻي هيٺ آهن.










