عمران خان جي نااهلي جي درخواست تي فيصلو محفوظ

عمران خان جي نااهلي جي درخواست تي فيصلو محفوظ

اسلام آباد (بيورو)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي نااهلي لاءِ داخل درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي وقتي چيف جسٽس عامر فاروق وفاقي راڄڌاني جي شهري محمد ساجد جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.عدالت درخواستگذار جي وڪيل کان پڇاڻو ڪيو ته اوهان ڪهڙي معلومات چئي رهيا آهيو ته هنن اليڪشن ڪميشن کان معلومات لڪايون؟ان تي درخواستگذار جي وڪيل چيو ته عمران خان نامزدگي ڪاغذن ۾ پنهنجي ڌيءَ تيريان ظاهر ناهي ڪيو. عدالت درخواست تي مختصر ٻڌڻي کانپوءِ درخواست داخل ڪرڻ بابت فيصلو محفوظ ڪري ورتو.

پهنجو تبصرو موڪليو