لاهور (ويب ڊيسڪ)لاهور هاءِ ڪورٽ پاڪستان اليڪٽرانڪ ميڊيا ريگيوليٽري اٿارٽي (پيمرا) جو پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جي تقريرن ۽ بيانن کي نشر ڪرڻ تي پابندي جو نوٽيفڪيشن معطل ڪري ڇڏيو.لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس شمس محمود مرزا ڪيس جي ٻڌڻي 13 مارچ تائين ملتوي ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي فل بينچ ڏانهن موڪلي ڇڏي.لاهور هاءِ ڪورٽ عمران خان جي تقرير ۽ بيان نشر ڪرڻ تي پيمرا جي پابندي خلاف درخواست جي ٻڌڻي اڄ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.درخواست تي وڪيل پيمرا موقف اختيار ڪيو ته اها درخواست اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي دائري ۾ اچي ٿي، اهڙي ئي هڪ ڪيس جي ٻڌڻي 5 رڪني بينچ جمعي تي ڪري چڪي آهي، ان ڪري اها درخواست به 5 رڪني لارجر بينچ ڏانهن موڪلي وڃي. .










