عمران خان جا ناقابل ضمانت گرفتاري وارنٽ جاري،پوليس لاهور پهچي وئي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)عورت جج زيبا چوڌري کي ڌمڪيون ڏيڻ واري ڪيس ۾ سول جج ڊسٽرڪٽ سيشن ڪورٽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جا ناقابل ضمانت گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن.عورت جج کي ڌمڪيون ڏيڻ واري ڪيس ۾ عمران خان اڄ به عدالت ۾ پيش نه ٿيو ۽ سڪيورٽي خدشن سبب حاضري کان ڇوٽ جي درخواست داخل ڪئي، جنهن کي عدالت رد ڪندي عمران خان کي 29. مارچ تائين گرفتار ڪري پيش ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو. عمران خان جي وڪيلن طرفان بريت جي درخواست پڻ ڪئي وئي، جنهن تي عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي ڌرين کي دليلن لاءِ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.عورت جج کي ڌمڪيون ڏيڻ واري ڪيس ۾ ناقابل ضمانت گرفتاري وارنٽ جاري ٿيڻ بعد اسلام آباد پوليس جي ٽيم عمران خان کي گرفتار ڪرڻ لاءِ لاهور پهچي وئي. ذريعن موجب اسلام آباد پوليس جي ٽيم خاص هيلي ڪاپٽر ذريعي عمران خان جا گرفتاري وارنٽ کڻي لاهور پهتي. اسلام آباد جي عدالت عورت جج کي ڌمڪيون ڏيڻ واري ڪيس ۾ عمران خان جا ناقابل ضمانت گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن، عدالت پي ٽي آءِ چيئرمين کي 29 مارچ تي گرفتار ڪري پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو