اسلام آباد(بيورو رپورٽ)عورت جج کي ڌمڪيون ڏيڻ واري ڪيس ۾ تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جا 18 اپريل تائين ضمانت نه ٿيڻ جوڳا وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا.اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ عورت جج کي ڌمڪيون ڏيڻ واري ڪيس ۾ عمران خان جا 20 هزار رپين جا ضمانتي مچلڪا وارنٽ تبديل ڪري ڇڏيا.عورت جج کي ڌمڪيون ڏيڻ واري ڪيس ۾ چيئرمين تحريڪ انصاف عمران خان جي گرفتاري وارنٽ خلاف نظرثاني اپيل تي ٻڌڻي دوران پراسيڪيوٽر مخالفت ڪئي.اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ ۾ پراسيڪيوٽر چيو ته هن ڪڏهن به اهو ناهي ٻڌو ته وارنٽ بابت فيصلو سندس غير حاضري ۾ جوابدار جي حق ۾ ٿيو.پراسيڪيوٽر چيو ته پهريان ضمانتي وارنٽ جاري ڪيا وڃن ته پوءِ ناقابل ضمانت وارنٽ جاري ٿيڻ گهرجن.عدالت ۾ عمران خان جي وڪيل ٻڌڻي ملتوي ڪرڻ جي درخواست ڪئي.ان موقعي تي جج چيو ته جيڪڏهن ٻڌڻي ملتوي ڪئي وئي ته ناقابل ضمانت وارنٽ بحال ڪيا ويندا.واضح رهي ته گذريل ڏينهن اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن عدالت عورت جج کي ڌمڪيون ڏيڻ واري ڪيس ۾ عمران خان جا ناقابل ضمانت گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا هئا.










