لاهور(ويب ڊيسڪ)پنجاب حڪومت جي ترجمان جو چوڻ آهي ته چيئرمين تحريڪ انصاف عمران خان رائيونڊ ۾ تبليغي اجتماع سبب حڪومت خلاف احتجاج هڪ ڏينهن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏيو آهي، واپسي سبب احتجاج هڪ ڏينهن لاءِ ملتوي ڪيو ويو آهي، مسرت چيما وڌيڪ سندس چوڻ هو ته تحريڪ انصاف حقيقي آزادي جي مشن کي اڪلائي نه ڇڏيندي، قيادت اڄ پنهنجو نئون ايڪشن پلان پيش ڪندي، عمران خان جي قيادت ۾ حقيقي آزادي جو قافلو جلد منزل ڏانهن روان دوان نظر ايندو. مسرت چيما جو چوڻ آهي ته عوام جي دعائن سان عمران خان جي صحت ۾ بهتري اچي رهي آهي، عمران خان کي اڄ 12 وڳي اسپتال مان ڊسچارج ڪيو ويندو.










