عمارت ڊهي پٽ، ٻارڙي فوت، گهر جا 7 ڀاتي زخمي

عمارت ڊهي پٽ، ٻارڙي فوت، گهر جا 7 ڀاتي زخمي

سکر(جيرام داس بختيارپوري) نئون پنڊ  جي احمد نگر پاڙي ۾ هڪ منزل عمارت اوچتو ڪري پئي جنهن جي نتيجي ۾ چئن ورهين جي نينگري عليشه عرف تسليم شيخ فوت ٿي وئي جڏهن ته 7 گهر ڀاتي زخمي ٿي پيا آهن. زخمين ۾ پيرسن عورت مٺان، ڇوڪري نازيه، نوجوان راشد، ماجد، زوهيب، عبدالمجيد ۽ عبدالحميد شيخ شامل آهن. واقعي بعد پاڙيسرين دبجي فوت ٿي ويل نينگري جو لاش ۽ زخمين کي ٻاهر ڪڍي ايڌي ايمبولنس ذريعي سول اسپتال منتقل ڪيو. زخمين  جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي جڏهن ته پوليس جو چوڻ آهي ته اصل جڳهه عبدالحق بگٽي جي آهي متاثر شيخ برادري جو خاندان ڪرائي تي رهندو هو. جڳهه ڪمزور هجڻ ڪري ڊهي پئي آهي وڌيڪ واقعي جي جاچ ڪئي پئي وڃي واقعي بعد علائقي ۾ ڏک جي لهر ڇائنجي وئي آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو