علي زيدي کي هڪ مهيني لاءِ جيڪب آباد جيل منتقل

علي زيدي کي هڪ مهيني لاءِ جيڪب آباد جيل منتقل

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پي ٽي آءِ اڳواڻ علي زيدي کي جيڪب آباد جيل منتقل ڪيو ويو آهي.سنڌ جي گهرو کاتي موجب تحريڪ انصاف سنڌ جي صدر علي زيدي کي 30 ڏينهن لاءِ حراست ۾ وٺي جيڪب آباد جيل سپرنٽينڊنٽ جي حوالي ڪيو ويو آهي.گهرو کاتي موجب ايم پي او 3 تحت علي زيدي کي حراست ۾ وٺڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي، مٿس ماڻهن کي روڊ بلاڪ ڪرڻ ۽ ڌرڻا هڻڻ جو الزام آهي.گهرو کاتي جو چوڻ آهي ته علي زيدي کي آءِ جي سنڌ جي سفارش تي حراست ۾ ورتو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو