علي امين گنڊاپور جي عبوري ضمانت ۾ واڌ

علي امين گنڊاپور جي عبوري ضمانت ۾ واڌ

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)راولپنڊي جي ضلعي عدالت خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جي عبوري ضمانت ۾ 5 جولاءِ تائين واڌ ڪري ڇڏي، جڏهن ته هاءِ وي تي باهه لڳڻ ۽ سرڪاري گاڏي ۾ مداخلت واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.ٻڌڻي ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج راجا فيصل رشيد ڪئي.ٻڌڻي دوران خيبرپختونخواهه جو وڏو وزير علي امين گنڊاپور اڄ به عدالت ۾ پيش نه ٿيو، سندس طرفان سندس وڪيل ايڊووڪيٽ محمد فيصل ملڪ پيش ٿيو.ان موقعي تي علي امين گنڊاپور جي وڪيل حاضري کان ڇوٽ جي درخواست ڪئي، جنهن کي عدالت منظور ڪري ورتو.عدالت علي امين گنڊاپور جي عبوري ضمانت ۾ 5 جولاءِ تائين واڌ ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو