اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) دهشتگردي جي انت واري عدالت پي ٽي آءِ باني عمران خان جي ڀينرن عليمه خان ۽ عظميٰ خان جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا.اسلام آباد جي دهشتگردي جي انت واري عدالت جي جج طاهر عباس سپرا پي ٽي آءِ اڳواڻن ۽ ٻين جي خلاف 4 آڪٽوبر احتجاج ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. عليمه خان ۽ عظميٰ خان جي خلاف ڪوهسار ٿاڻي ۾ ڪيس داخل ٿيل آهن.ٻڌڻي دوران عدالت مسلسل پيش نه ٿيڻ تي عليمه خان ۽ عظميٰ خان جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا. عدالت عليمه ۽ عظميٰ خان کي گرفتار ڪري پيش ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو ۽ ٻڌڻي 22 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.










