لاهور(ويب ڊيسڪ) دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت جناح هائوس حملي ڪيس ۾ گرفتار جوابدار شير شاهه کي عدالتي رمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو آهي.لاهور جي دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت جي جج منظر علي گل جناح هائوس حملي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران پوليس جوابدار شير شاهه کي عدالت ۾ پيش ڪيو.ٻڌڻي دوران پوليس جوابدار جي وڌيڪ جسماني رمانڊ جي درخواست ڪئي، جنهن تي عدالت فيصلو محفوظ ڪري ورتو.عدالت ڪجهه وقت کان پوءِ فيصلو ٻڌائيندي پوليس جي جوابدار جي جسماني رمانڊ جي درخواست رد ڪري ڇڏي ۽ جوابدار شير شاهه کي 14 ڏينهن جي عدالتي رمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو.ياد رهي ته لاهور جي پوليس اسٽيشن سرور روڊ پوليس جناح هائوس حملي ڪيس ۾ جوابدار شير شاهه خلاف ڪيس داخل ڪيو آهي.










