علاج جا پئسا گهرڻ  تي شرپسندن جو  ڪلينڪ تي حملو. ڀڃ ڊاھ

علاج جا پئسا گهرڻ تي شرپسندن جو ڪلينڪ تي حملو. ڀڃ ڊاھ

سجاول ( ن سنڌيار) سجاول شھر ۾ علاج جا پئيسا گهرڻ تان ڪلينڪ تي حملو، ڪلينڪ جي ڀڃ ڊاھ، ڊاڪٽر جي فرياد تي ڪيس داخل، همرا گرفتار، سجاول شھر ۾ ڌڻي بخش نالي همرا علاج جا پئيسا گهرڻ تان لٺ کڻي سري عام ڪلينڪ جي ڀڃ ڊاھ ڪري دريون ۽ دروازن جا شيشا ٽوڙي هليو ويو، ڪلينڪ تي ٿيل حملي کان پوءِ ڊاڪٽر چيتن ڪمار جي فرياد تي جوابدار خلاف سجاول ٿاڻي تي ايف آر داخل ڪرائي وئي. جوابدار خلاف ايف آر ۾ ڊاڪٽر چيتن ڪمار ڄاڻايو آھي ته سجاول شھر ۾ بس اسٽينڊ روڊ لڳ پراڻي نيشنل بينڪ وٽ آئون پنهنجي ڪلينڪ تي موجود هوس ته سجاول لڳ برانچ موري جو رهواسي نالي ڌڻي بخش ملاح علاج لاءِ مون وٽ ڪلينڪ تي آيو جنهن کي بخار هو جنهن جو مون علاج ڪيو. علاج جا پئيسا گهرڻ تان منهن ماري ڪري هليوويو. ڪجه دير بعد همرا لٺ کڻي آيو ۽ مونکي گارگند ڪرڻ شروع ڪيائين ڪمپائونڊرن پاران منع ڪرڻ تي همرا وڙهڻ لاءِ تيار ٿي ويو چيائين ته جيڪو به ويجهو ايندو ماري ڇڏيندس جنهن بعد همرا لٺ کڻي ڪلينڪ جون دريون ۽ دروازن جا شيشا ٽوڙڻ شروع ڪيا ۽ آخر ۾ جان کان مارڻ جون ڌمڪيون ڏيندو هليو ويو. علاج ڪرائڻ جا پئيسا گهرڻ تان همرا ناراض ٿي منهنجو ڪافي نقصان ڪيو آھي. ٻي طرف سجاول پوليس جوابدار کي گرفتار ڪري لاپ ڪري ڇڏيو. هوڏانهن پ پ منارٽي ونگ ضلع سجاول جي صدر ڊاڪٽر هريش ڪمار، ڊاڪٽر هوت چند ۽ ٻين چيو آھي علاج جا پئيسا گهرڻ تان همرا سري عام لٺ کڻي ڪنهن ڊاڪٽر جي ڪلينڪ جي ڀڃ ڊاھ ڪري اهو انتهائي افسوس جوڳو عمل آھي اهڙي عمل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا. ايس پي سجاول کي اپيل ٿا ڪريون ته ملوث جوابدار خلاف سخت کان سخت قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو