وزير اعظم ۽ فيلڊ مارشل جو ڪي پي جي ٻوڏ متاثر علائقن جو دورو

وزير اعظم ۽ فيلڊ مارشل جو ڪي پي جي ٻوڏ متاثر علائقن جو دورو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل عاصم منير سيلاب متاثر علائقن جي دوري تي نڪري پيا. وزيراعظم شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل عاصم منير سڀ کان پهرين سوات پهتا، جتي وفاقي وزير امير مقام ٻنهي جو استقبال ڪيو. اختيارين ٻڌايو آهي ته وزيراعظم ۽ فيلڊ مارشل سوات کان پوءِ بونير روانا ٿي ويا آهن، جتي اهي سيلاب متاثر علائقن جو جائزو وٺندا. ياد رهي ته خيبر پختونخوا ۾ تازين برساتن ۽ سيلاب سبب اڄ تائين 350 کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن، جن مان 228 جو تعلق بونير سان آهي. ٻئي پاسي اين ڊي ايم اي (NDMA) طرفان خيبر پختونخوا جي سيلاب متاثر علائقن لاءِ امدادي سامان جي ترسيل جاري آهي. اين ڊي ايم اي موجب، اڄ صبح باجوڙ ۽ مانسهره لاءِ ٻه الڳ الڳ امدادي قافلا موڪليا ويا، جن ۾ خيما، ڪمبل، جنريٽر، ڊي واٽرنگ پمپ، راشن بيگ ۽ دوائون شامل آهن. اين ڊي ايم اي وڌيڪ ٻڌايو ته امدادي سامان متاثرن ۾ ورهاست لاءِ لاڳاپيل ضلعي انتظاميا حوالي ڪيو ويندو. اين ڊي ايم اي، مسلح فوجن ۽ فلاحي ادارن جي سهڪار سان خيبر پختونخوا ۽ گلگت بلتستان لاءِ امدادي سامان موڪلي رهيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو