لاهور(ويب ڊيسڪ)مسلم ليگ (ن) جي ڊپٽي سيڪريٽري جنرل عطاءَ الله تارڙ کي گرفتار ڪيو ويو آهي. مسلم ليگ (ن) جي ترجمان اعظميٰ بخاري گرفتاري جي تصديق ڪندي چيو آهي ته ڊسڪه ۾ چونڊ مهم دوران کيس گرفتار ڪيو ويو آهي پر اهو معلوم ناهي ته کيس ڪهڙي الزام هيٺ گرفتار ڪيو ويو آهي. هن چيو ته اسين گرفتاري جي مذمت ٿا ڪريون ۽ حڪومت هيسائي نٿي سگهي، حڪومت ننڍي چونڊ ۾ ڌانڌلي ڪرڻ چاهي ٿي. وزيرآباد پوليس کي اطلاع مليو ته عطا تارڙ عابد رضا سان گڏ هٿيار کڻي وڃي رهيا آهن، پوليس سندن تلاشي ورتي ۽ لائسنس چيڪ ڪيا. تارڙ جو چوڻ آهي ته کيس پوليس گرفتار ڪري گاڏي ۾ ويهاريو ۽ ميڊيا تي خبرون هلن بعد ڇڏيو. فردوس عاشق اعواڻ جو چوڻ آهي ته هن سستي شهرت لاءِ گرفتاري جو ڊرامو ڪيو پان پوليس جي گاڏي ۾ ويهي رهيو.










