عرب امارات کي شڪست، پاڪستان ۽ ڀارت سپر 4 لاءِ ڪواليفاءِ

عرب امارات کي شڪست، پاڪستان ۽ ڀارت سپر 4 لاءِ ڪواليفاءِ

دبئي(ويب ڊيسڪ)ايشيا ڪپ ٽي ٽوئنٽي ٽورنامينٽ جي اهم مئچ ۾ پاڪستان يو اي اي کي 41 رنز سان شڪست ڏئي ايونٽ جي سپر فور مرحلي لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو. مقرر ڪيل 147 رنز جو ٽارگيٽ پورو ڪرڻ جي ڪوشش دوران يو اي اي ٽيم 105 رنز ٺاهڻ بعد آئوٽ ٿي وئي. گروپ A جي مئچ، جيڪا دبئي ۾ ٿي، يو اي اي ٽاس کٽي پهرين پاڪستان کي بيٽنگ ڪرڻ جي دعوت ڏني. يو اي اي خلاف مئچ لاءِ پاڪستان ٽيم ۾ ٻه تبديليون ڪيون ويون. سفيان مقيم ۽ فهيم اشرف جي جاءِ تي حارث رئوف ۽ خوشدل شاهه کي ٽيم ۾ شامل ڪيو ويو.
پاڪستان جي اننگز
پاڪستان يو اي اي خلاف مقرر 20 اوورن ۾ 9 وڪيٽس تي 146 رنز ٺاهيون. گرين شرٽس طرفان فخر زمان 50 رنز جي اننگز کيڏيو جڏهن ته شاهين شاه آفريدي 14 بالن تي 29 رنز سان نا قابلِ شڪست رهيو. ان کان علاوه صائم ايوب صفر، صاحبزادَه فرحان 5، ڪپتان سلمان علي آغا 20، حسن نواز 3، خوشدل شاه ۽ محمد نواز 4، 4 ۽ محمد حارث 18 رنز ڪري آئوٽ ٿيا. يو اي اي طرفان جنيد صديق 18 رنز ڏيئي 4 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو جڏهن ته سمرن جيت سنگھه 3 وڪٽون ورتيون.
يو اي اي جي اننگز
147 رنز جي ٽارگيٽ جي پويان يو اي اي ٽيم پاڪستاني بولرز جي سامهون کليل انداز ۾ کيڏي نه سگهي ۽ ٽيم 18 اوور ۾ 105 رنز تي ڍير ٿي وئي. يو اي اي طرفان راهول چوپڙا 35 رنز ٺاهي نمايان رهيو. پاڪستان طرفان شاهين شاهه آفريدي، حارث رئوف ۽ ابرار احمد ٻه، ٻه وڪٽون ورتيون جڏهن ته صائم ايوب ۽ سلمان علي آغا هڪ، هڪ رانديگر کي آئوٽ ڪيو. واضح رهي ته ايشيا ڪپ ۾ گروپ A مان ڀارت ۽ پاڪستان سپر فور مرحلي لاءِ ڪواليفاءِ ڪري چڪا آهن جڏهن ته عمان ۽ يو اي اي ٽرافي جي ريس مان ٻاهر ٿي ويا آهن. ٻئي پاسي پاڪستاني ڪپتان ميچ ختم ٿيڻ بعد چيو ته اسانکي مڊل آرڊر بيٽنگ بهتر ڪرڻي پوندي. اسان هن وقت تائين پنهنجي بهترين ڪارڪردگي نه ڏيکاري سگهيا آهيون. هن چيو ته شاهين آفريدي ۽ ابرار ميچ ونر رانديگر آهن. يو اي اي جي ڪپتان محم وسيم چيو ته اسين ٽورڻامينٽ کان ٻاهر ضرور ٿيا آهيون پر ڪافي سبق سکيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو