عراق پاران پاڪستانين لاءِ ويزا فيس ختم ڪرڻ جو اعلان

عراق پاران پاڪستانين لاءِ ويزا فيس ختم ڪرڻ جو اعلان

بغداد (ويب ڊيسڪ)عراق پاڪستاني سياحن لاءِ ويزا فيس ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله عراقي وزيراعظم محمد شيعه السوداني سان ملاقات ڪئي.گهرو وزارت طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب اجلاس ۾ عراقي گهرو وزير عبدالامير الشمري به شرڪت ڪئي.ملاقات ۾ دهشتگردي جي خاتمي سميت مختلف شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو.گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته پاڪستان عراق سان ڀائراڻن لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏئي ٿو، پاڪستاني شهري زيارت لاءِ وڏي انگ ۾ عراق ايندا آهن.گهرو وزير جي درخواست تي عراقي وزيراعظم پاڪستاني سياحن لاءِ ويزا فيس ختم ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.اجلاس ۾ پاڪستاني سيڙپڪارن کي اليڪٽرانڪ ويزا جي سهولت فراهم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. جاري ڪيل پڌرائي موجب عراقي وزيراعظم معمولي ڏوهن ۽ گهڻي عرصي تائين عراق جي جيلن ۾ قيد پاڪستانين جي جلد آزادي کي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي.گهرو وزير وزيراعظم شهباز شريف طرفان عراقي وزيراعظم کي پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني.گهرو وزارت طرفان جاري بيان موجب عراقي وزيراعظم جلد پاڪستان جو دورو ڪرڻ جو يقين ڏياريو.

پهنجو تبصرو موڪليو