ڪراچي (ويب ڊيسڪ) غريب ملڪن کي ڌمڪيون ڏيندڙ ۽ بينگاهه ماڻهن کي ماريندڙ آمريڪا ڌمڪين واري خط کان لا تعلقي جو اظها رڪندي چيو ته تحريڪ عدم اعتماد ۾ اسان جو ڪو به ڪردار ناهي. وائيٽ هائوس جي ترجمان جو چوڻ آهي ته عدم اعتماد جي رٿ ۾ آمريڪا جي ملوث هجڻ جي الزامن ۾ صداقت ناهي. ٻئي پاسي پاڪستاني جي نجي چينل (جيو) جي طرفان سوال جي جواب ۾ آمريڪي پرڏيهي وزير چيو ته عد اعتماد جي باري ۾ ڌمڪين واري خط ۾ صداقت ناهي، پر اسان پاڪستان ۾ جاري صورتحال جو جائزو وٺي رهيا آهيون، پاڪستان ۾ قانون جي حڪمران کي سپورٽ ڪندا آهيون. واضح رهي 27 مارچ تي اسلام آباد ۾ جلسي کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان خط ڏيکاريندي پنهنجي قوم کي ٻڌايو هو ته ٻاهرين ملڪن جي پيسن سان حڪومت تبديلي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ۽ ڌمڪي ڏني آهي جيڪو هي خط ثبوت آهي ۽ گذريل ڏينهن عمران پاڪستان جي سينيئر صحافين سان ملاقات ڪري ڌمڪين واري خط بابت آگاهه ڪيو ۽ ان ڪئميرا پارليامينٽ کي ڏيکارڻ جو به چيو آهي.










