عدم اعتماد جو اهم ڪردار، جهانگير ترين جي 6 مارچ تي واپسي

عدم اعتماد جو اهم ڪردار، جهانگير ترين جي 6 مارچ تي واپسي

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)حڪومت خلاف بي اعتمادي واري رٿ ۾ اهم ڪردار جهانگير ترين واپسي جي تاريخ ڏئي ڇڏي.پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي ايم پي اي سلمان نعيم دعويٰ ڪئي آهي ته جهانگير ترين سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ٿي، هو صحتياب آهي ۽ سندس ميڊيڪل ٽيسٽ ڪليئر ٿي وئي آهي. سلمان نعيم چيو ته جهانگير ترين 6 مارچ جي رات برطانيا کان پاڪستان پهچندو ۽ جڏهن به بي اعتمادي جي رٿ آئي ته ان ۾ حصو وٺندس. واضح رهي ته جهانگير ترين علاج لاءِ لنڊن ۾ آهي ۽ تازو ئي شاهه محمود قريشي انڪشاف ڪيو هو ته وزيراعظم فون ڪري جهانگير ترين جي خيريت معلوم ڪئي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو