لاهور(ويب ڊيسڪ) اپوزيشن ليڊر شهباز شريف چيو آهي ته مهانگائي عوام کي تڪليفن ۾ وجهي ڇڏيو آهي، غربت آسمان کان ڳالهيون ڪري رهي آهي، بي اعتمادي رٿ آئيني حق آهي، ان آپشن کي استعمال ڪرڻ کان ڪير به نٿو روڪي سگهي. لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شهباز شريف چيو ته مون کي قوم آڏو خوار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، صاف پاڻي ۾ گهرائي آشيانه ۾ گرفتار ڪيو ويو، صاف پاڻي ۾ اربين جي ڪرپشن ڪئي وئي، مون تي صاف پاڻي ڪمپني جو ڪوڙو ڪيس ٺاهيو ويو. هن چيو ته آڪٽوبر 2018ع ۾ نيب مون کي گهرايو، صاف پاڻي ڪيس ۾ سڀني ماڻهن کي باعزت بری ڪيو ويو، انجنيئر راجا صاحب کي گرفتار ڪيو ويو ۽ ڪيترائي مهينا جيل ۾ رهيو. شهباز شريف چيو ته صاف پاڻي ڪيس ۾ عدالتي فيصلو اسان سڀني جي ڪاميابي آهي، قوم جي هڪ هڪ پائي بچائي آهي، سڀني کان گهٽ واڪ ڏيڻ وارن کان وڌيڪ پيسا گهٽ ڪرايا. هن چيو ته نيب نيازي ڳٺ جوڙ ڪمپني جي سي اي او، چيئرمين کي به نه ڇڏيو، پيپرا قانون چوي ٿو واڪ ڏيڻ وارن کان حڪومت هٿ چراند نٿي ڪري سگهي قوم جا اربين رپيا بچايا، ان ڏوهه جي سزا ساڍا 3 سالن کان ڀوڳي رهيو آهيان. هن چيو ته غريب قوم جي هڪ هڪ پائي کي بچائڻ لاءِ هر ڏوهه ڪندو رهندس، قوم لاءِ هزارين ڏوهه ڪري چڪو آهيان جنهن ۾ سوين ارب روپيا بچايا. اهور: پاڪستان مسلم ليگ (ق) مخالف ڌر کان پنجاب جي وڏي وزير جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي، ذريعن موجب پ پ ۽ ق ليگ جي اعليٰ قيادت وچ ۾ رابطو ٿيو آهي، جنهن ۾ چوڌري ڀائرن اڳوڻي صدر آصف علي زرداري کي چارٽر آف ڊيمانڊ ڏنو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته مسلم ليگ (ق) پنجاب جي وڏي وزير لاءِ اپوزيشن کان مطالبو ڪيو آهي ۽ ق ليگ قيادت اهو موقف اختيار ڪيو آهي ته ان کان گهٽ تي سمجهوتو نه ڪيو ويندو. ذريعن موجب وڏ وزارت ملڻ جي صورت ۾ ق ليگ مرڪز ۽ پنجاب ۾ ان هائوس تبديلي جي ڪاميابي جو يقين ڏياريو آهي. ذريعن موجب مسلم ليگ (ق) چيو آهي ته هو مرڪز ۾ مخالف ڌر جي مڪمل حمايت ڪندي، پر ق ليگ ملڪ ۾ فوري چونڊن جي مخالفت ڪندي چيو آهي ته ضروري ٿئي ته قومي اسيمبلي جو چونڊون ڪرايون وڃن پر صوبائي اسيمبلين کي مدو پورو ڪرڻ ڏنو وڃي










