اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ گريڊ 22 جي آفيسرن، ججن ۽ سول سرونٽس کي اضفي پلاٽن جي الاٽمينٽ غيرقانوني قرار ڏئي ڇڏي. جسٽس محسن اختر ڪياني جيورسٽ فائونڊيشن جي درخواست منظور ڪندي اهڙو فيصلو ٻڌايو. عدالت قرار ڏنو ته ججن ۽ سول سرونٽن جي پلاٽ الاٽمينٽ جي حوالي سان ڪوئي قانون ناهي، حڪومت جيڪڏهن اعليٰ عدليا جي ججن ۽ سول سرونٽس کي هڪ کان وڌيڪ پلاٽ ڏيڻ چاهي ٿي ته پهريون قانونسازي ڪري، عدالت معاملو وفاقي ڪابينا اڳيان رکڻ جو حڪم به ڏئي ڇڏيو. واضح رهي سول سرونٽس ۽ ججن کي هڪ کان مٿي پلاٽن جي الاٽمينٽ جي خلاف جيورسٽ فائونڊيشن جي درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو هو ته 27 جون 2006 تي وزيراعظم سيڪريٽري اسٽيبلشمنيٽ طرفان موڪليل سمري منظور ڪئي، سمري منظور ڪرڻ جا سبب قانوني ناهن پر خواهشن تي ٻڌل آهن، واڌو پلانٽن جي منظوري ڪالعدم قرار ڏني وڃي.










