عدالت مان ايليٽ فورس جا 2 جعلي اهلڪار گرفتار

لاهور(ويب ڊيسڪ) سيشن ڪورٽ لاهور ۾ ججز گيٽ تان ايليٽ فورس جي ٻن جعلي اهلڪارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدارن جي قبضي مان جديد رائفل، نائن ايم ايم پسٽل، ميگزين ۽ گوليون بر آمد ڪيون ويون آهن. پوليس موجب جوابدارن کي سيشن عدالت جي ججز گيٽ مان داخل ٿيندي کين گرفتار ڪيو ويو آهي. جوابدارن ۾ مشتاق احمد ۽ ظهير الدين بابر شامل آهن جن کي اسلام پوره ٿاڻي تي منتقل ڪري سندن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو